Thursday 7 August 2014

                                                                     باب پهريون
حياتيات جو تعارف     Introduction to Biology
بائيلاجي  Biology        
سائنس جي اها شاخ جيڪا جاندارن  Living things جي باري ۾ڄاڻ ڏي انهي کي بائيلاجي چئجي ٿو لفظ بائيلاجي Biology لاطيني ٻولي جو لفظ جيڪو ٻن لفظن جو ميڙ آهي bios معنى زندگي ۽ Logos جنهن جي معنى بحث ڪرڻ آهي
زولاجي    Zoology    The study of animal's kingdom is called Zoology                  
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا  جانورن جي باري ۾ڄاڻ ڏي انهي کي زولاجي Zoology چئجي ٿو لفظ زولاجي لاطيني ٻولي جو لفظ آهي جيڪو ٻن لفظن Zoo ( جانور) ۽ logos  ( بحث ڪرڻ ) جو ميڙ آهي.
بائيلاجي جي هي شاخ جانورن اندروني ۽ ٻاهرين بناوٽ ان جي رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي ماحول جي  باري مڪمل ڄاڻ ڏي ٿي مطلب ته هي شاخ جانورن جي پيدائش کان ويندي ان جي ختم ٿيڻ تائين مڪمل ڃاڻ ڏي ٿي. 
باٽني   Botany    
The study of plants kingdom is called Botany
 بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا  ٻوٽن جي باري ۾ ڄاڻ ڏي انهي ڄاڻ کي Botany  چئجي ٿو. لفظ باٽني لاطيني ٻولي جو لفظ آهي جيڪو لفظ Botan مان ورتل آهي جنهن جي معنى ساوڪ آهي . بائيلاجي جي هي شاخ هڪ ٻوٽي جي ٻاهرين ، اندروني بناوت  ٻج  کان ويندي ان جي ختم ٿيڻ تائين مڪمل ڃاڻ مهيا ڪري ٿي .
مائيڪرو بائيلاجي      Micro Biology
The study of very very small living things, we can see with the microscope is called Microbiology
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا  تمام ننڍڙن جاندارن جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ۽ انهن جاندارن کي طاقتور خوردبيني جي مدد سان ڏسي سگھجي انهي ڄاڻ کي مائيڪرو بائيلاجي چئجي ٿو. لفظ مائيڪرو بائيلاجي ٽن لفظن جو ميڙ آهي Micro معنى تمام ننڍا  Bio معنى  جاندار logos معنى بحث ڪرڻ.بائيلاجي جي هي شاخ انهن جاندارن جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ٿي جن کي اسان پنهنجي عام نظرن سان نه ٿا ڏسي سگھون جيئن اميبا ، ڪليميڊو موناس ، پيرامشيم ، وائرس ۽ بيڪٽيريا وغيره .
مارفالاجي    Morphology
The study of form and structure of living organisms is called Morphology
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندارن جي ٻاهرين بناوت ۽ عضون جي ڪم ڪار جي باري ۾ ڄاڻ ڏي انهي ڄاڻ کي مارفالاجي چئجي ٿو لفظ مارفالاجي لاطيني ٻولي جو لفظ آهي جيڪو ٻن لفظن (حالت  Morp + بحث ڪرڻ logy ) جو ميڙ آهي.
ائناٽالاجي       Anatomy
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندارن جي اندروني  بناوت ۽ انهن عضون جي ڪم ڪار جي باري ۾ ڄاڻ ڏي انهي ڄاڻ کي ائناٽامي  چئجي ٿو لفظ ائناٽامي  ٻن لفظن  ( مٿي  Ana = up  + اڀو ڪٽ  Tomy = to cut) جو ميڙ آهي.
هسٽالاجي            Histology
The study of cell and tissues with the aid of the Microscope
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا  تاندورن   tissues  جي باري ۾ ڄاڻ ڏي انهي کي هسٽالاجي چئجي ٿو لفظ هسٽالاجي ٻن لفظن     تاندورا  Histosis = tissues)   بحث ڪرڻ (Logy =Discourse  جو ميڙ آهي.
سائٽولاجي     Cytology        
The study of cells in terms of structure and functions of cells or Call division
 بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا  سيل ۽ سيل جي ورهاست جي باري ۾ ڄاڻ انهي ڄاڻ کي سائٽولاجي چئجي ٿو  لفظ سائٽولاجي ٻن لفظن )کڏ    Cytosis=hollow    بحث ڪرڻ ( Logy= Discourse  جو ميڙ آهي .
فزيولاجي    Physiology
The study of different functions performed by different parts of organism
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندران جي ڪم ڪارن ۽ رهڻي ڪهڻي جي باري ۾ ڄاڻ ڏي انهي کي فزيولاجي چئجي ٿو لفظ فزيولاجي ٻن لفظن  )قدرتيphysios= Nature  بحث ڪرڻ(Logy=Discourse   جو ميڙ آهي .
ايڪالاجي   Ecology
The study of organisms in relation to each other and their environment
 بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندارن جي چوڌاري ماحول جي باري ۾ ڃاڻ ڏي ۽ هڪ هڪٻئي سان يا غير جاندارن سان لاگاپن ۽ تعلق جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان کي ايڪالاجي چئجي ٿو لفظ ايڪالاجي ٻن لفظن (گھرhouse  Eco = بحٽ ڪرڻ   Logy =Discourse) جو ميڙ آهي .
ايمبريولاجي    Embryology
The study of development of an organism from fertilized egg (zygote)
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا پيدا ٿيندڙ ٻچي  Zygote ان جي مرحلا وار زندگي جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان کي ايمبريو لاجي چئجي ٿو لفظ ايمبريولاجي ٻن )ٻچو Embro= zygote  بحث ڪرڻ    Logy= Discourse  ) لفظن جو ميڙ آهي.
ٽيگزانامي   Taxonomy
The study of classification of living organisms, are classified into group and subgroups on the basis of similarities and differences
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندارن جي ورهاست ۽ انهن تي سائنسي نالن رکڻ جي علم جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان کي ٽيگزانامي چئجي ٿو. لفظ ٽيگزانامي  ٻن لفظن     ( درجابندي  Taxis = grouping قانون Nomy =Law ) جو ميڙ آهي .
جينيٽڪس   Genetics
The study of methods and principles of biological inheritance of characters from parents to their offspring
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندارن جي موروثي خاصيتن ۽ ان جي نسل در نسل منتقلي  جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان کي جينيٽڪس چئجي ٿو لفظ جينيٽڪس هڪ لفظ  ( وري وري پيدا ٿيڻ  be birth   Genesis = to ) مان ورتل آهي.
پيلينٽالاجي   Paleontology   
It is branch of biology which deals with the study of fossils is called paleontology, the body parts of ancient organisms or their impressions preserved in rocks are called fossils.
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا قديم جاندارن جي ڊانچن جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان کي پيلينٽالاجي چئجي ٿو هن کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جانورن جي باري ملندڙ ڃاڻ کي  Paleozoology  ۽ ٻوٽن جي باري ۾ ملندڙ ڄاڻ کي Paleobatany چئجي ٿو. موجوده  دور ان شاخ جي مدد سان احرام مصر  ۽ ڊائناسور وغيره جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي ويئي آهي.
بايو ڪيميسٽري  Bio Chemistry         
The study of metabolic reactions taking place in living organisms is called bio Chemistry.
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندارن جي اندروني توڙي ٻاهرين ڪيميائي تبديلن ۽ عملن جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان ملندڙ ڃاڻ کي بايو ڪيميسٽري چئجي ٿو.
بايو ٽيڪنالاجي   Bio technology
بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا  جاندارن جي بهبود ۽ ڀلائي جي استعمال ٿيندڙ ٽيڪنڪ جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان کي بايو ٽيڪنالاجي چئجي ٿو . موجوده دور ۾ هن شاخ  تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي جنهن سان انسان جا ڪيترائي ڪم وقت جي بچت سان گڏ اڳئي کان گھڻي فائدي جي صورت ۾مڪمل ٿين ٿا
بايو فزڪس    Bio Physics
 بائيلاجي جي اها شاخ جيڪا جاندارن جي قائدن ۽ قانونن جي باري ۾ ڄاڻ ڏي ان کي بايو فزڪس چئجي ٿو هن شاخ وسيلي جاندارن جي عمر معلوم ڪرڻ کان سواءِ موجوده دور ۾ هن شاخ مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪيو وڃي جيئن ريڊو ايڪٽو شعاعن وسيلي ڪينسر جو علاج ، ايڪس ريز X-ray ٽيڪنالاجي ۽ الٽراسائونڊ Ultrasound  ٽيڪنالاجي هن جا بهترين مثال آهن .
زندگي جي ابتدا بابت اسلامي نظريو          Islamic view about the origin of life
قران شريف مسلمانن جو مقدس ڪتاب آهي جيڪو آخري نبي حضرت محمدﷺ تي الله تعالى جي طرفان وحي ڪري لاٿو ويو هن ڪتاب ۾ جاندارن ۽ بي جان شين جي پيدائش بابت مـختلـف جاين تي ذڪر آيل آهي.  جيئن سورة السجده جي آيت نمبر 7 کان 9 ۾ انسانن جي پيدائش بابت فرمايل آهي.
       ترجمو ؛ جنهن شِئ پيدا ڪئي سا سڀڪا چگي طرح بڻايائين ۽ ماڻهو جي پيدائش کي مٽي مان نئون شروع ڪيائين وري سندس اولاد بي قدر پاڻي جي نچوري مان بڻايائين وري کيس سنئين لڱين  ڪيائين ۽ منجھس پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون بڻايائين اوهين ٿورو شڪر ڪندا آهيو.
 تشريح  ؛ قران شريف جي هن ايتن ۾ الله تعالى انسان جي پيدائش بابت فومائي ٿو ته انسان جي پيدائش سڀ کان پهرين مٽي مان ڪئي وئي پوءِ ان مٽي جي بت تي گوشت جي پوساڪ پهرائي ان کي سڌو سنئين لڱين ڪيون ويو انهي بي جان بت ۾ الله تعالى پاڻ پنهنجو روح ڦوڪيو ته اهومٽي جو بت زنده  انسان جي صورت ۾ بنجي ويو جنهن کي ڏسڻ لاءِ اکيون ٻڌڻ لاءِ ڪن سوچڻ لاءِ د ماغ ڏنو ويو انهي کان  پوء پيدا ٿيندڙ انسان کي گندي پاڻي مان پيدا ڪيو ويو  پر افسوس انهي انسان تي جنهن پنهنجي مالڪ جي انهن مهربانين جي باوجود  ان جو ٿورو شڪر به ادا نه ٿو ڪري.
قران شريف ۾ جانورن جي پيدائش بابت ڪيترن ئي هنڌن تي ذڪر ڪيل آهي جيئن سورة الانعام ۾ جانورن جي پيدائش بابت فرمايل آهي  بيشڪ جانور اوهان لاءِ عبرت آهن ڪي جانور ٻن پيرن تي ڪي جانور چار پيرن تي ڪي وري پيٽ ڀر هلن ٿا.
تشريح ؛ قران شريف جي ان آيت ۾ الله تعالى جانورن جي پيدائش کي انسانن جي لاءِ عبرت چيو آهي اوهان غور ڪريو انهي زمين تي ڪي جانور ٻن پيرن تي يعنى انسان ڪي چار پيرن تي جيئن جانور ۽ ڪي پيٽ ڀر جيئن نانگ وغيره هلن ٿا اهي نشانيون غور ڪرڻ وارن لاءِ ڪافي آهن.
حياتياتي طريقو    Biological  Method
علم حياتيات ۾ جيڪي نه تجربا ڪيا وڃن اهي اهي ٽجربا مخـتلـف مرحلن مان گذرن ٿا ۽ اخر ۾ اهو تجربو نظري جي صورت اختيار ڪري ٿو  حياتياتي طريقي جا چند هيٺيان مرحلا هي آهن .
 مشاهدو      Observation
حياتياتي طريقي ۾ مشاهدو تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن به شي جو مشاهدو ڪرڻو هوندو آهي. سڀ کان پهرين ان شي جو تعين ڪرڻو پوندو آهي مثال طور ؛ اسان مليريا تي مشاهدو ڪريو ٿا ته اها ڪنهن پيدا ٿئي ٿي؟ ڇا اها وچڙندڙ بيماري آهي؟ ان قسم جا ڪيترائي سوال اسان جي ذهين ۾پيدا ٿين ٿا پر انهن سوالن جي جوابن جي لاءِ اسان کي تمام گھڻي محنت ۽ حياتياتي طريقي جي هيٺين مرحلن مان گذرڻو پوندو
مفرضو   Hypothesis
مشاهداتي حقيقتن ۽ اڳ جمع ڪيل معلومات جي آڌار تي حياتيات جي ماهرهڪ ذهني اندازا لڳائين ٿا ته مـختلـف سوالن جا ڪهڙا موزون جواب ٿي سگھن ٿا. اهڙي ذهني اندازو جيڪو بيان جي صورت ۾هجي ان کي مفروضو Hypothesis   سڌيو وڃي ٿي. مثال طور ـ مشاهدي ۾ مليريا جي مريض جي رت ۾ موجود پلازموڊيم مان هڪ اهو ذهني اندازو لڳايو وڃي ٿو ته
   ڇا واقعي پلازموڊيم مليريا جو سبب آهي ? Plasmodium is the really cause of Malaria  
گھٽائڻ    Deduction
مفروضي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجهه دليلن تي ٻڌل اڳڪٿيون ڪيون وڃن ٿيون يا ائين کڻي چئجي صفائي پيش ڪرڻي پوي ٿي مثال طور مفروضي کي چڪاس ڪرڻ لاءِ هيٺيون منطقي دليل جاري ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن پلازموڊيم واقعي مليريا جو ڪارڻ ته ڇا مليريا جي ٻين مريضن جي رت ۾ پلازموڊيم موجود آهي  ۽ اها  ٻين صحتمند ماڻهن ۾موجود آهي يا نه؟ اهڙي طرح انهي مفروضي کي  ثابت ڪرڻ ۽ منطقي دليل ڏيڻ لاءِ تجربي جي ضرورت ٿئي ٿي انهي سان مڪمل تصديق حاصل ڪري سگھجي ٿي.
 تجربو Experiment   
حياتياتي طريقي جو اهم حصو Experiment ٿئي ٿو جنهن ۾ چڪاس ڪئي وڃي ٿي انهن مفروصي وارين  اڳڪٿين جي ۽ تجربي ۾ اهو ڏٺو وڃي ٿو ته مفروضو صحيح آهي يا غلط . اهوڪم ئي عقل مند ۽ تجريبگار سائينسدان جي هجڻ جوثبوت پيش ڪري ٿو. 
 حياتياتي طريقي ۾ تجربي واري عمل ۾ سُو 100 تندرست ماڻهن جي رت جا نمونا کنيا ويا ته ٻئي پاسي سُو 100 مليريا جي مريضن جي رت جا نمونا کنيا ويا ۽ ٻنهي رتن کي  چڪاس لاءِ رکي وڃي ٿو. ۽ تجربي مان اهو آساني سان معلوم ٿئي ويندو مليريا جو اصل ڪارڻ ڇا آهي.
نتيجو   Result  
حياتياتي طريقي ۾ تجربي مان آخر ۾ نتيجو ڪڍيو وڃي ٿو مٿئين تجربي جي نتيجي مطابق جڏهن 100سُو تندرست ماڻهن جي رت جا نمونا چڪاسيا ويا ته انهن ۾ پلازموڊيم موجود نه هو جڏهن مليريا جي مريضن جي رت جا نمونا چڪاسيا ويا ته انهن ۾ پلازموڊيم موجود هو انهي تجربي مان اهو ثابت ٿي ويو ته مليريا جو اصل ڪارڻ پلازموڊيم آهي جيڪو مادي مڇر جي چڪ سان رت ۾ منتقل ٿئي ٿو.
نظريو   Theory  
حياتياتي طريقي ۾ سڀني کان ڏکيو مرحلو نظريو Theory مرتب ڪرڻ ۽ انهي کي حياتياتي ماهرن جي اڳيان ثبوتن سان پيش ڪرڻ آهي . اهو ممڪن نه آهي ته مفروضي کي هڪدم ثابت ڪري سگھجي ان نظريي جي سچي يا ڪوڙي هئڻ لاءِ آهستي آهستي جمع ٿيندڙ اڻ سڌا ثبوت هئڻ ضروري آهن جيئن جيئن ثبوت ايندا ويندا تيئن تيئن انهي تجربي کي  تسليم ڪرڻ جا موقعا وڌندا ويندا . آخر ڪار اهي ثبوت هڪ نظريي جي صورت اختيار ڪري وٺندا .
ابايوجينسس بايوجينسس ريڊي جو تجربوExperiment A-Biogenesis, Biogenesis and Redi’s
هي حياتي جا ٻه مشهور نظريا آهن جيڪي مختلف وقتن تي ڏنا ويا ، حياتي جي باري ۾ ڪيترائي نظريا ڏنا ويا پر انهن نظرين مان ٻه  هيٺيان مشهورنظريا هي آهن
ابايو جينسس   A-Biogenesis
حياتي جو هي مشهور نظريو مشهور مفڪر ارسطو جو ڏنل آهي هن نظريي مطابق،
جاندار شيون بي جان شين مان اوچتو ازخد يا پاڻ مرادو پيدا ٿين ٿيون
هن نظريي کي ثابت ڪرڻ لاءِ ارسطو ڪجھ مثال ڏنا.
مثال01.  وڇون جانورن جي جانورن جي ڇيڻ  مان پيدا ٿي ٿو
مثال 02.  مڇيون سمنڊ جي مٽي ۽ گپ مان پيدا ٿين ٿيون
مثال 03. مري ويندڙ جانورن جي جسم ۾ ڪيئان پيدا ٿين ٿا
مثال 04. کاڌي وارين شين تي سينور جو پيدا ٿيڻ
انهي کي ثابت ڪن ٿا ته  جاندار شيون بي جان شين  مان اوچتو ازخود يا پاڻمرادو پيدا ٿين ٿيون 
حياتي جو هي نظريو جڏهن پيس ٿيو ته انهي نظري کي تمام گهڻي اهميت ملي ڇاڪاڻ ته ارسطو پنهنجي دور جي مشهور فاتح سڪندر اعظم جو استاد هو جنهن پوري دنيا کي فتح ڪيو هو.
بايوجينسس   Biogenesis
ارسطو  جي خيال تي مشهور سائنسدان ريڊي ڪيترائي تجربا ڪيا انهي نظري جي حقيقتن کي ڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا واقعي جاندار شيون بي جان مان پيدا ٿئي سگھن ٿيون آخر هن ڪيترن تجربن وسيلي انهي خيال کي غلظ قرار ڏئي دنيا کي اصل حقيقت کان اگاهه ڪيو. حياتي جي هن  مشهور نظريي کي بايو جينسس Biogenesis  سڏيو وڃي ٿو. هن نظريي مطابق ،                         
   جاندار شيون بي جان شين مان اوچتو ازخد يا پاڻ مرادو پيدا ٿي نه ٿيون سگهن پر جاندار شيون جاندارن مان ئي پيدا ٿين ٿيون
ثال ، انسان انسانن مان ، جانور جانورن مان ۽ ٻوٽا  ٻوٽن مان پيدا ٿين ٿا حياتي جي انهي نظريي کي وڌيڪ ثابت ڪرڻ لاءِ  ريڊي  سائنسدان هڪ  آسان تجربو ڪري دنيا کي اهو  ثابت ڪري ڏيکاريو ته جاندار شيون جاندارن مان پيدا ٿين ٿيون.
ريڊي جو تجربو      Redi’s Experiment
تجربو نمبر   01 Experiment No
هن تجربي مطابق ريڊي  نالي سائنسدان چند کليل منهن وارن بوتلن جي اندر مئل مڇي ۽ نانگ وڌا ۽ انهن بوتلن کي  هن کليل ڇڏي ڏنو ٽن ڏينهن کان پوءِ انهن ۾ ڪينئان پئجي ويا. وڌيڪ مشاهدي لاءِ ريڊي انهن بوتلن کي وڌيڪ 18 ڏينهن تائين چڏي ڏنو جڏهن هن ٻيهر مشاهدو ڪيو ته انهي ۾ موجود ڪينئان پيوپا pupa ۾تبديل ٿئي چڪا هئا هن انهن پيوپا مان چند پيوپا  pupa  کڻي انهي کي الڳ بوتل ۾ وجهي ڪاغذ سان ڍڪي ڇڏيو 8 ڏينهن کان پوءِ هرهڪ پيوپا هڪ ننڍي مک ٺهي پئي  ۽ اهي سڀ مکيون مئل نانگ ۽ مڇي تي ويٺل جهڙيون ئي نظر آيون. انهي تجربي مان اهو ثابت ٿيو ته ڪينئان ئي انهن مکين جا ٻچا آهن جن پنهنجا آنا انهن مئل نانگ ۽ مڇي تي لاٿا هئا  جيڪي پوءِ ڦٽي  پيوپا جي صورت اختيار ڪري مکيون بنجي ويون.

تجربو نمبر  02 Experiment No.
هن تجربي ۾ ريڊي سائنسدان 8 بوتلن ۾ مڇي ۽ نانگ وڌا انهن مان 4 بوتلن کي هن کليل ۽ 4 بوتلن کي ڍڪڻي سان  بند ڪيو ڪجهه ڏينهن جي انتطار کان پوءِ جڏهن هن انهن بوتلن جو مشاهدو ڪيو ته جيڪي بوتلون کليل هيون انهن ۾ ڪينئان ۽ پيوپا pupa  پيدا ٿئي  چڪا هئا جڏهن ته بند بوتلن جي اندر مڇي ۽ نانگ ڳري ، سڙي بد بوءَ ڪري چڪا پر انهن بوتلن جي اندر ڪو به نئون جاندار يعني ڪينئان يا پيوپا pupa  پيدا ٿيل نه هئا .
تجربو نمبر 03Experiment No
هن تجربي ۾ ريڊي سائنسدان ڪجھ گوشت جا ٽڪرا کڻي انهن کي ويڪري منهن واري بوتل ۾ وجھي ان کي سنهي ڃاري سان بند ڪري ان کي وري هڪ ڃاري جي فريم ۾ بند ڪري ڇڏيو انهي بوتل ۾ هوا ته داخل ٿئي سگھي ٿي پر مک يا ٻيو جيت ان جي اندر داخل نه ٿي ٿئي سگهيو ٿي ڪيترن ڏينهن کان جڏهن هن انهي بوتل جو مشاهدو ڪيو ته انهي بوتل ۾ گوشت ته سڙي بد بوءِ ڪري چڪو پر انهي گوشت ۾ ڪو به نئون جاندار ڪينئان يا پيوپا pupa   وغيره پيدا ٿيل نه هو جنهن ڪري انهي  تجربي اهو  ثابت ڇڏيو ته ابايو جينسس وارو نظريو غلظ  آهي جڏهن ته بايو جينسس وارو نظريو صحيح آهي.  جنهن مطابق جاندار شيون جاندارن مان پيدا ٿين ٿيون.

نيڌام جو تجربو  Needham’s Experiment
مشهور سائنسدان  نيڌام 1748ع ۾ هڪ آسان تجربو ڪري بايو جينسس واري نظري کي چيلينج ڪري هڪ دفعو ٻيهر دنيا کي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته                  )    جاندار شيون بي جان شين مان پيدا ٿي سگھن ٿيون. (   
انهي نظريي کي ثابت ڪرڻ لاءِ نيڌام هڪ آسان تجربو ڪيو. 
هن  تجربي جي مطابق نيڌام سائنسدان ڪجھ گوشت جي ٽڪرن کي پاڻي ۾ اٻاري انهن کي بوتلن ۾ وجھي ان جي منهن کي ٻوچ سان بند ڇڏيو ڪجھ ڏينهن کان پوءِ جڏهن هن انهي گوشت کي خوردبيني Microscope   جي وسيلي مشاهدو ڪيو ته هن کي انهي  گوشت جي اندر ڪيترائي خوردبيني جاندار نظر آيا ، انهي تجربي مان هڪ دفعو ٻيهر اهو ثابت ٿئي ويو ته  جاندار شيون بي جان شين مان پيدا ٿئي سگھن ٿيون .
پاسچر جو تجربو  Pasture’s Experiment
فرانس جي مشهور سائنسدان لوئيس پاسچر  1864ع  ۾ حياتيات ماهرن جي ٽيم جي سامهون هڪ آسان تجربو ڪري همشيه جي لاءِ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته جاندار شيون جاندارن مان پيدا ٿين ٿيون پر ڪا به جاندار شي بي جان شيءِ مان پيدا ٿئي نه ٿي سگھي هن تجربي جي مطابق پاسچر ڪجھ مڙيل ڳچي واريون S  ٽائيپ type واريون گھگھيون کنيون انهن جي اندر ڪجھ خميرجڻ وارو شربت نما ڳار جنهن ۾ پاڻي ، کنڊ ۽ خمير yeast مليل هو جيڪو خوردبيني جاندارن جو کاڌو آهي  انهي کي هن گھگھين ۾ وجھي ۽ ان جي  منهن کي کليل ڇڏي ڏنو ۽ هاڻي  انهي شربت نما ڳار کي هن  اٻاريو جيئن انهي شربت نما ڳارمان  خوردبيني جاندار مري وڃن ڪجھ دير جي کان پوءِ  جڏهن هن خوردبين سان ان ڳار جو مشاهدو ڪيو ته ان ۾ هن کي ڪو به خوردبيني جاندار  نظر نه آيو ساڳي طرح سان  جڏهن هن  مڙيل نلي واري حصي جو مشاهدو ڪيو ته هن کي ان  ۾ ڪيترائي خوردبيني جاندار نظر آيا جيڪي  هوا ۾موجود خوردبيني جاندارهئا جيڪي انهي  مڙيل نلي مان اندر داخل ٿيا ۽ جيڪي مڙيل نلي وارن حصن ۾ ڦاسي پيا پر اهي ڳار تائين پهچي نه سگھيا. تجربي کي وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ پاسچر انهي مڙيل نلي واري حصي کي گھگھي جي منهن وٺان ڪٽي ڇڏيو چند ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن هن انهي ڳار جو مشاهدو ڪيو ته هن کي انهي ڳار ۾ ڪيترائي خوردبيني جاندار نظر آيا. انهي تجربي مان ثابت ٿيو ته هوا ۾ جيڪي خوردبيني موجود آهن اهي کاڌي ۾ شامل ٿين ٿا ، اهڙي طرح انهي تجربي مان هڪ دفعو ٻيهر اهو ثابت ٿيو ته جاندار شيون جاندان مان پيدا ٿين ٿيون
علم حياتيات ۾ مسلم سائنسدانن جوحصوPart of Muslim Biologists in Biology The
جابر بن حيان   Bin -Hayan Jabir -       
تعارف introduction
جابر بن حيان جو مڪمل نالو ابو موسي جابر بن حيان آهي هي سائنسدان سنه 722ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 817 ع ۾ وفات ڪيائين بنيادي طور تي هي هڪ غريب خاندان سان تعلق رکندڙ هو انهي ڪري سندس ڪا خاص تعليمي قابليت نه هئي سندس هڪ شوق هو ته هو مختلف ڌاتن مان سون ٺاهي سگھي ٿو انهي شوق ئي هن کي نامور سائنسدان بنايو.
کوجنا Research   
هي مسلم سائنسدان پنهنجي دور جو مشهور ڪيميادان ، علم نباتات ، علم حيوانات ، علم نـفسات ۽ علم فلڪيات جو ماهر مسلم سائنسدان ٿئي گذريو آهي  هن علم ڪيميا ۾ ڪيترائي تيزاب روشناس ڪرايا ، آڪسيجن ۽ بخار جي عمل جي باري ۾ تـفصيلي معلومات مهيا ڪئي جڏهن ته هن سائنسدان علم حياتيات ۾ به تمام گھڻي کوجنا ڪئي سندس جانورن تي لکيل ڪتاب ) الحيوان (۽ ٻوٽن تي النباتات مشهور ڪتاب آهن.
عبدالماڪ اصمعي    Abdul  -  Malik – Asmai  
تعارف introduction
عبدالماڪ اصمعي جو پورو نالو عبدالمالڪ قربان ال اصمعي هو هي سائنسدان سنه 740ع ۾ بصري شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 828ع ۾ وفات ڪيائين بنيادي طرح سان هي هڪ عرب جو مشهور اديب ۽ شاعر هو سندس شاعري کي انهي دور ۾ تمام گھڻي مقبوليت حاصل هئي .ادب سان گڏ هن ٻين مختلف علمن تي به تحقيق ڪئي
کوجنا Research
مسلم سائنسدانن هن جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو وڃي ٿو هي سائنسدان علم طب ، علم الحيوانات ۽ علم فلڪيات جو ماهر مسلم سائنسدان ٿئي گذريو آهي هن سائنسدان علم حياتيات ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو سندس لکيل ڪيترائي ڪتاب يورپ جي يونيورسٽين ۾ نصاب طور پڙهيا ويندا هئا .سندس لکيل چند مشهور ڪتاب هي آهن
01.  الخيل      گھوڙن                جي باري ۾
02. انابل        اٺن                     جي باري ۾
03. الشاة        رڍن                    جي باري ۾
04. الوحوش     جھنگي جانورن    جي باري ۾
05.  خلق الانسان     انسان          جي باري ۾
علي ربن طبري  Ali – Bin -Tubri
تعارف introduction
علي بن ربن طبري سنه 775 ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 870 ع ۾ وفات ڪيائين هي سائنسدان زڪريا الرازي جو استاد هو جيڪو پنهنجي دور جو مشهور مسلم سائنسدان ٿئي گذريو آهي
کوجنا Research
هي سائنسدان علم طب ، علم فلڪيات ، علم رياضي ۽ علم حياتيات جو ماهر مسلم سائنسدان ٿئي گذريو هن سائنسدان کي علم طب ۾ تمام گھڻي مقبوليت حاصل آهي سندس طب تي لکيل مشهور ڪتاب ) فردوس الحڪمته ( آهي جنهن کي  ميڊيڪل جي دنيا جي انسائيڪلوپيڊيا تسليم ڪئي وڃي ٿي جيڪا ستن جلدن تي مشتمل آهي جنهن مان اڄ تائين صرف پنجن جلدن جو ترجمو انگريزي ۾ ڊاڪٽر ايم زيڊ صديقي  ڪيو آهي جڏهن ته ٻن جلدن جو ڪافي مواد ناڪاره ٿئي چڪو آهي .
ابو عثمان عمر الجاحظ Abu – Usman – Umer  - Aljahiz  
تعارف introduaction
ابو عثمان جو پورو نالو ابو عثمان عمر بن بڪر الڪنعاني ال بصري الجاحظ هو هي سائنسدان 776ع ۾ بصري شهر ۾ پيدا ٿيو سندس شروعاتي تعليم به بصري ۾ ٿي. 
کوجنا Research
هن سائنسدان علم الحيوانات ۾ تمام کوجنا ڪئي سندس جانورن تي لکيل  ڪيترائي ڪتاب اڄ به مخـتلـف ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن سندس لکيل ڪتاب )الحيوان( تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪئي جيڪو ستن جلدن تي مشتمل آهي هن ڪتاب ۾ هن تـقريبن 350 جانورن جي مخـتلـف خاصيتن جو ذڪر ڪيو آهي هن ڪتاب ۾ هن ماڪوڙين تي هڪ خاص مضمون لکيو آهي جنهن ۾ هن ماڪوڙين جي زندگي جو تـفصيلي ذڪر ڪيوآهي
الفاربي    Al – Farabi 
تعارف introduction
الفاربي جو پورو نالو ابو نصير محمد بن الفاربي هو هي سائنسدان 870ع ۾ پيدا ٿيو سندس پيدائش ترڪستان جي هڪ علائقي فارابي ۾ ٿي جنهن ڪري  کيس الفارابي جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو سندس وفات  950ع ٿي سندس والد فوج جو سپه سالار هو پر فارابي قلم جو سپه سالار ٿيڻ پسند ڪيو.
کوجنا Research  
هي سائنسدان پنهنجي دور جو مڃيل جراح ۽ علم طب جو ماهر سائنسدان هو  هن سائنسدان کي اهو مقام حاصل آهي ته هن  سڀ کان پهرين ميڊيڪل انسائيڪلوپيڊيا لکي سندس لکيل ڪيترائي ڪتاب ڪيتري وقت تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ نصاب طور پڙهيا ويندا هئا سندس لکيل ڪتابن ۾ )ڪتاب النباتات (  ۽ )ڪتاب الحيوانات( مشهور ڪتاب آهن
ابو القاسم الزهراوي   Abul –Qasim – Al -Zahravi
تعارف introduction
هي سائنسدان 936ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1004ع ۾ وفات ڪيائين
کوجنا Research
 هي سائنسدان  اسلامي تاريخ جو ۽ اندلس شهر جو ڏهين صدي جو سڀ کان وڏو جراح هو جنهن ڪيترائي جراحي اوزار ايجاد ڪيا هن سائنسدان کي اهو مقام حاصل آهي هن سڀ کان پهرين مثاني مان پٿري ڪڍڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو سندس لکيل ڪتاب
)  النصريف(  علم طب جو بي مثال ڪتاب آهي جنهن ۾  جراحي جي اوزارن جا نـقشا ۽ آپريشن جي مڪمل ڃاڻ ڏنل آهي سندس  لکيل ڪيترائي ڪتاب مختلف  ٻولين ۾ترجمو ٿيل آهي
ابن الهيشم Ibn –al - Haitham
تعارف introduction
مسلم سائنسدانن ۾ابن الهيشم کي جيڪو مقام حاصل آهي اهو شايد ڪنهن ٻئي جي حصي ۾ نه اچي سگھي هي مشهور مسلم سائنسدان 965ع ۾ پيدا ٿيو ۽1039ع ۾ وفات ڪيائين
کوجنا Research
هي سائنسدان علم ڪيميا ،علم طبعي ، علم حياتيات ، علم فلڪيات ، علم رياضي ، علم نفسات ۽ علم طب جو ماهر مسلم سائنسدان تصور ڪيو وڃي ٿو هن سائنسدان اک جي بناوت ۽ اک جي ڪارڪردگي جي باري ۾ڃاڻ ڏني ۽ اهو به ٻڌايو ته ڏسڻ وارو علم اک جي پردي   Retina  جي وسيلي ٿئي ٿو هن سائنسدان عينڪ ٺاهڻ جو به ڪامياب تجربو ڪيو سندس لکيل  ڪتاب (ڪتاب المناظر ۽ ميزان الحڪمته ) مشهور ڪتاب آهن.
بو علي سينا  Bu –Ali – Sina 
تعارف introduction
مسلم سائنسدانن ۾ بوعلي سينا جو نالو سندس ڪيل ڪمن جي ڪري هميشه سونهري اکرن ۾لکيو وڃي ٿو هي مشهور مسلم سائنسدان 980ع ۾بخارا شهر ۾پيدا ٿيو ۽ 1038ع ۾ وفات ڪيائين
کوجنا Research
 هي سائنسدان اسلامي دنيا جو عظيم مفڪر ، علم طب ، علم فلڪيات ،علم فلسفي علم رياضي ،علم ڪيميا ۽ علم طبعي جو ماهر مسلم سائنسدان ٿي گذريو آهي هن سائنسدان ڏهن سالن جي عمر ۾ قران شريف ، فقه ۽ آدب ۾ ڪمال حاصل ڪيو هن سائنسدان کي علم طب جو باني سڏيو وڃي ٿو سندس طب تي لکيل ڪتاب )في الطب الشفا( مشهور ڪتاب آهي جانورن ۽ بي جاندار شين تي لکيل ڪتاب )القانون( تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪئي.
ضياءُ الدين ابن بيطار- Baitar    Zia –ud – Din -Ibn
علم نباتات جي حوالي سان جڏهن به ذڪر ٿيندو ته انهي ۾ ضياءٌ الدين ابن بيطار جو نالو سر فهرست هوندو هن سائنسدان تقريبن اڌ دنيا جو پيادل سفر ڪري ڪيترائي نوان ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون ڳولي لڌيون ۽ ڪيترن ئي ٻوٽن جا نالا هن جا  تجويز ڪيل آهن
ابن النـفس Ibn –al –Nafees
هي تيرهن صدي جو مشهور مسلم سائنسدان ٿي گذريو آهي هن سائنسدان انساني رت جي دوري ۽ انساني دل جي باري ۾ ڃاڻ ڏني
علي بن عيسى Ali –bin –Isa
هي مسلم سائنسدان اکين جي بيمارين جو مشهور سائنسدان ٿئي گذريو آهي هن سائنسدان اک جي بنارت ۽ اکين جي بيمارين جي باري ۾ تمام مفيد معلومات مهيا ڪئي هن سائنسدان اک جي 130 بيمارين جي نشاندگي ڪئي ان جو علاج پڻ تجويز ڪيو سندس اک تي لکيل ڪتاب ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهن.
حياتيات  جا ٻيا ماهر سائنسدان   Other Biologists
علم حياتيات ۾ پندرهن صدي کان پوءِ مسلم سائنسدانن جي رهيل ڪمن کي جاري رکڻ لاءِ يورپين ۽ ٻين سائنسدانن اهم ڪم سر انجام ڏنا جن سائنسدانن انهي ميدان ۾ اهم ڪم سر انجام ڏنو انهن مان چند هي آهن.
وليم هاروي  William Harvey  )1578ع کان 1657(
هن سائنسدان انساني رت جي دوري ، بلڊ پريشر ۽ انساني دل جي باري ۾ تـفصيلي ڃاڻ ڏني
گليليو  Galileo 
هن سائنسدان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو خوردبين microscope جو ايجاد آهي جنهن وسيلي تمام ننڍين شين کي ڏسي سگھجي ٿو.
رابرٽ هڪ   Robbert  Hook
هن سائنسدان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو جيوگھرڙي cell جي دريافت آهي هن سائنسدان سڀ کان پهرين ٻوٽن جو جيوگھرڙو دريافت ڪيو.
لينيئس  Linnaeus 1704ع کان 1778ع
هن سائنسدان جاندان جي خاصيتن جي بنياد تي  درجابندي ڪرڻ ۽ انهن تي  سائنسي نالن رکن جو طريقو دريافت ڪيو جنهن ڪري هن سائنسدان کي ٽيگزانامي جو ابو  father of Taxonomy   سڏيو وڃي ٿو.


لوئيس پاسچر  Louis Pasteur    1822ع کان 1895ع
هن سائنسدان ڪيترين بيمارين جا جراثيم دريافت ڪئي سندس سڀ کان وڏو ڪارنامو ٽي بي T-B  جو جراثيم bacteria  جي دريافت ڪرڻ آهي.
جي . ليسٽر  J – Lister
هن سائنسدان ڪيتريون ئي جراثيم ڪش دوائون ايجاد ڪيون جيڪي زخمن ۽ ڦٽن جي لاءَ استعمال ٿين ٿيون مثال ؛ آيوڊين ۽ ڪاربولڪ ايسڊ
ايڊورڊ جينر  Edward Jennar 
هن سائنسدان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ماتا small pox  جو ٽڪو ايجاد ڪرڻ آهي هي موتمار بيماري انهي وقت ڪيترن ئي انسانن کي پنهنجو نشانو بنائي چڪي هئي پر هن ٽڪي جي ايجاد کان پوءَ هن بيماري جو هاڻي پوري دنيا مان خاتمو ٿئي چڪو آهي.
جينيٽڪ انجنيئرنگ   Genetic engineering
   علم حياتيات ۾ موجوه دور ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم جينيٽڪ انجنيئرنگ   تي ٿئي رهيو آهي جنهن ۾ هٿرادو نموني سان DNA  جي تياري آهي جنهن جي هٿرادو نموني سان منتقلي ڪئي وڃي ٿي انهي طريقي جي مدد سان ڪيترين ئي موروثي بيماريون مثلا؛ سسٽڪ فائبروسس ، هيمو فليا ۽ دم وغيره جو هاڻي خاتمو آڻي سگھجي ٿو جيڪي اڳ لا علاج بيماريون تصور ڪيون وينديون هيون. دنيا ۾ ڪيتريون ئي بيماريون موروثي آهن جيڪي اسان ۾ پنهنجي والدين مان منتقل ٿين. جينيٽڪ انجنيئرنگ  ۾ ٻيو وڏو ڪمال ڪلوننگ Cloning  جوطريقو آهي تازو ئي ان مثال ڊولي رڍ جي پيدائش آهي انهي کان  سواءِ ٽشو ڪلچر  tissues culture جو طريقو به حيرت ۾ وجھندڙ آهي جنهن وسيلي جسم جي ناڪارن حصن جاءِ تي ٻين صحتمند حصن جو لڳائڻ آهي. مطلب ته هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ انسانن جي  فائدي لاءِ وڌ کان وڌ جينيٽڪ انجنيئرنگ  ڪم ڪري رهي آهي


Note: dear Student you need full chapter Notes with MCQ